SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


معامله فهم حلقا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


معامله فهم حلقا

ِِEpistemic Communities

ايپسٽمڪ ڪميونٽيز

ڪنهن به ملڪ جي پاليسي ٺاهڻ لاءِ عقل، فهم ۽ دورانديشيءَ وارا گُڻ تمام ضروري آهن. اهي خاصيتون جن به فردن يا ماڻهن ۾ هجن، اُهي ملڪ جي وڏي توڙي ننڍي پاليسي ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هونئن ته رياستي معاملن ۾ قديم دور کان اهڙن ماڻهن جو منفرد ڪردار رهيو آهي، پر ويهين صديءَ ۾ جڏهن بين الاقوامي برادريءَ ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلا تمام گهڻا وڌڻ لڳا، ته سڄاڻ ماڻهن جا حلقا اڳتي آيا ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا. اهڙين ڪوششن جو وڏي ۾ وڏو مثال آمريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ’اَل گور‘ ۽ ’گڏيل قومن جي موسمي تبديلين جي سٿ‘ (Intergovernmental Pannel for Climate Change –IPCC) وچ ۾ ٿيل سهڪار آهي. انهن ٻنهي ڌُرين جي ڪوششن سان ماحول ۾ گدلاڻ ۽ ان جا ماحول تي اثر، ڌرتيءَ جي گرمي پد وڌڻ (Global Warming) ۽ دنيا جي خوفناڪ مستقبل جهڙيون حقيقتون عوام جي سامهون آيون. انهيءَ ڪاوش جي عيوض ئي اَل گور ۽ گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري IPCC کي 2007ع جو نوبيل انعام به مليو. اهو ضروري ناهي هوندو، ته هي گروهه ڪنهن خاص سرشتي کي رائج ڪرائين، پر اهي حلقا پنهنجي فڪر ۽ تدبر سان هڪ جامع پاليسي ضرور ڏين ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هن قسم جي حلقن جي ڪردار کي اڃان وڌيڪ سمجهڻ جون ڪوششون هلن پيون، بهرحال اهڙن حلقن جي بين الاقوامي سياست توڙي لاڳاپن ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. هر ملڪ (خاص طور تي ٽين دنيا جي ملڪن) ۾ ڪافي اهڙا مسئلا آهن، جيڪي (EpistemicCommunities) ۽ بين الاقوامي برادريءَ جي گڏيل جاکوڙ سان حل ٿي سگهن ٿا.


Remember Me Also:

پادرن کي سڏ ڪرڻ

گهُري موچڙا وٺڻ. جڏا ڪم ڪرڻ. اڍنگي روش اختيار ڪرڻ ، سزا جهڙو ڪم ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal